اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهبازشريف  مري ايڪسپريس وي جي مرمت جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته روڊن تي چانهه جا هوٽل کولي وڃن ٿا، سياحن جي سهولت لاءِ جايون مخصوص ڪيون وڃن، روڊن تي ڪناري تي حددخلين جي ڀرمار ٿي وئي هئي، ڪنهن کي پروار نه هئي، اهو هو نئون پاڪستان؟ هزاره موٽروي کي ڏسو، ان جو معيار ڏسو، هزاره موٽروي ٺاهيندڙن کان رهنمائي وٺو، مري ايڪسپريس وي لاءِ به هزاره موٽروي واري چيني ڪمپني کي رکو.