اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم کي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم کي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي تي به بريفنگ ڏني. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا سينيٽر ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ايوان وفاق جي علامت هجڻ جي حيثيت سان قومي اتحاد ۽ صوبائي هم آهنگي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني گروپ کي ان مقصد لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين پارٽين سان مضبوط لاڳاپا رکڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏيهي پاليسي جي اهميت ڀيرا وڌي وئي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.