لاهور (م ڊ) وزيرراعظم شهبازشريف جيصدارت هيٺ لاهور ۾ آبادگار پيڪيج بابت اجلاس ٿيو، وزيراعظم اختيارين کي پيڪيج تحت آبادگارن جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ صوبن جي مشاورت سان سبسڊي پيڪيج جلد جوڙڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته ڪڻڪ جي امدادي اگهه کي اقتصادي رابطا ڪاميٽي ۽ ڪابينا ۾ بحث هيٺ آندو ويندو، جڏهن ته آبادگار پيڪيج بابت امڪاني فيصلن لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد چيما ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي،