وزيراعظم عوام ڏانهن ويندو ته گرفتار ٿي سگهي ٿو: شيخ رشيد

0
159
وزيراعظم عوام ڏانهن ويندو

ڪراچي (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام ڏانهن نڪرندو ته گرفتار ٿي سگهي ٿو، حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت کان اڳ چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي، حڪومت جا 155 ميمبرز استعيفيٰ ڏئي سگهن ٿا

نجي ٽي چينلن سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ته اسان کي گهر وڃڻ گهرجي، اسان اسيمبلي ۾ اچي رهيا آهيون، اسان جي کٽڻ يا هارڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي، ڪجهه ماڻهو شڪست جو به مزو وٺندا آهن، مان ته انجواءِ ڪري رهيو آهيان 4 سال ٿي ويا آهن، نه ته 10، 10 مهينن ۾ ويندا رهيا آهيون

شيخ رشيد چيو ته عمران خان هاڻي لاهور، گوجرانوالا ۽ ڪراچي ۾ جلسا ڪندو، خان لاءِ پئسو مسئلو ناهي، سڄي قوم سندس لاءِ ٻاهر نڪري آئي آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي، ذميوارن کي چوان ٿو ته رمضان يا حج کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، هڪ شفاف اليڪشن ٿئي ته جيئين ڪير هي نه چوي ته هي اليڪٽڊ يا سليڪٽڊ آهي

ھي به پڙھندا

حڪومت پنجاب جي گورنر چوڌري سرور کي برطرف ڪري ڇڏيو