اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 2 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو. ذريعن موجب وچ اوڀر جي صورتحال تي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪندو، سعودي عرب وچ اوڀر جي صورتحال تي غور لاءِ ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف رياض پهتو، جتي هو اڄ عرب اسلامي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. عرب اسلامي سربراهه اجلاس ۾ فلسطين ۽ لبنان سميت خطي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اسلامي ملڪن جا اڳواڻ وچ اوڀر جي صورتحال تي تجويزون ڏيندا.