اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم ۽ گهرو وزير پاران فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جي ساراهه ڪئي وئي آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڊي چوڪ کان خيبر پلازه تائين دورو ڪري ڊيوٽي تي موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن سان ملاقات ڪري ساراهيو. گهرو وزير محسن نقوي رينجرز کي ڊي چوڪ ۽ اسلام آباد وارن علائقن کي ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ پوليس، ايف سي ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي شرپسندن جي حملن سبب عمارتن کي پهتل نقصان جو به جائزو ورتو.