وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪ سفير جي ملاقات، پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار

0
46

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پهلگام واقعي بعد ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين باوجود پاڪستان جو رد عمل ذميواراڻو رهيو آهي، ڀارت پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ بابت ڪنهن به قسم جا ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڀارت واقعي جون حقيقتون وائکيون ڪرڻ لاءِ شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ بابت پاڪستان جي آڇ جو جواب ڏئي، وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪ سفير ملاقات ڪئي، پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا، ترڪ سفير وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ته ترڪيه پاڪستان جي موقف جو حامي آهي، ترڪ سفير جو پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار، خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ صبر کان ڪم وٺڻ تي زور