
ڀارتي قدمن جو جواب ڏيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو، اجلاس ۾ ڀارتي قدمن جي جائزي بعد اهم فيصلا ڪيا ويندا، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به قسم جي حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي، فضائي حدن جي ڀڃڪڙي تي اڀي نندن جي صورت ۾ ڏنل جواب ڀارت کي ياد هوندو، ٽي ٽي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا، ڀارت پهلگام واقعي تي ٻين مٿان الزام لڳائڻ بدران پنهنجو احتساب ڪري، اهو به ممڪن آهي ته پهلگام حملو ڀارت جو فالس فليگ آپريشن هجي، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڀارتي قدمن جو جائزو وٺڻ بعد ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو