اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النيهان جي دعوت تي 12 کان 13 جنوري 2023ع تائين متحده عرب امارات جو دورو ڪندو، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو يو اي اي جو اهو ٽيون دورو هوندو، وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به هوندو، دوري دوران وزيراعظم متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النيها سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ خاص طور تي ٻنهي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، تجارتي ۽ سرمائيڪاري جي تعلقات کي اڳتي وڌائڻ ۽ يو اي اي ۾پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو، وزيراعظم يو اي اي جي وزيراعظم۽ نائب صدر سان به ملاقاتون ڪندو.