اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ مختلف وزارتون، ڊويزنون ۽ سرڪاري ادارا بجلي بلن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جا باقيدار نڪتا، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو) بجلي بلن جي باقيدار حڪومتي ادارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، دستاويز مطابق وزارتن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن  ڏانهن 71 ارب 51 ڪروڙ 90 لک رپيا رهتون آهن، دفاعي ادارن ڏانهن 3 ارب 14 ڪروڙ رپيا ۽ آزاد ڪشمير حڪومت ڏانهن بجلي بلن جي مد ۾ 60 ارب 70 ڪروڙ 60 لک رپيا رهتون آهن، دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم سيڪريٽريٽ ڏانهن 6 ڪروڙ 20 لک رپيا، چيئرمين سينيٽ 7 ڪروڙ 10 لک رپيا، چيف جسٽس ڏانهن 70 لک رپيا ۽ پارليامينٽ لاجز ڏانهن 11 ڪروڙ 90 لک رپيا رهتون آهن، وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ اسپتال ڏانهن 37 ڪروڙ 10 لک رپيا، سي ڊي اي ڏانهن 3 ارب 8 ڪروڙ 10 لک رپيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏانهن هڪ ڪروڙ رپيا، اي جي پي آفيس ڏانهن 50 لک رپيا، وفاقي محتسب ڏانهن 30 لک رپيا، اليڪشن ڪميشن ڏانهن 50 لک رپيا، وفاقي پوليس ڏانهن 17 ڪروڙ، ايف آءِ اي ڏانهن 2 ڪروڙ 70 لک، ايف بي آر ڏانهن 3 ڪروڙ 70 لک، گهرو وزارت ڏانهن 11 ڪروڙ 20 لک، صحت وزارت ڏانهن 5 ڪروڙ 90 لک رپيا، تعليم وزارت ڏانهن 5 ڪروڙ 20 لک رپيا، ريلوي کاتي ڏانهن 15 ڪروڙ 70 لک رپيا، بجلي وزارت ڏانهن 30 لک رپيا، ثقافت ۽ راندين واري وزارت ڏانهن 6 ڪروڙ 70 لک رپيا، چيف ڪمشنر اسلام آباد ڏانهن 7 ڪروڙ 60 لک رپيا، پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري ڏانهن 13 ڪروڙ 30 لک رپيا، نيب ڏانهن هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا، پنجاب پوليس ڏانهن ساڍا 4 ڪروڙ رپيا ۽ واسا ڏانهن بجلي بلن جي مد ۾ 16 ڪروڙ 60 رپيا رهتون آهن.