رحيم يار خان (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي ملاقات ٿي آهي. رحيم يار خان ۾ٿيل ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ اقتصادي، سياسي، ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. انهن اقتصادي سهڪار، علائقائي استحڪام، موسمياتي تبديلي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ترقي ۽ تعمير جي سفر ۾ گڏيل عرب امارتن جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان سان کاڻ کوٽائي، معدنيات ۽ زراعت جي شعبن ۾ سهڪار ۾ گڏيل عرب امارتن جي گھري دلچسپي کي اجاڳر ڪيو. هن پاڪستان جي معيشت مستحڪم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت جي واکاڻ ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن نئين اقتصادي قوت ٻه طرفي سيڙپڪاري ۽ سهڪار ۾ اضافي جا امڪان پيدا ڪيا آهن.