اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ اسلام آباد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي ثابت قدميءَ سان حمايت تي چين جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم 22 اپريل 2025ع کان ڀارت جي قدمن بابت پاڪستان جي اصولي موقف جي حمايت تي چين جو شڪريو ادا ڪيو. خاص طور تي وزيراعظم ان واقعي جي قابل اعتماد ۽ شفاف بين الاقوامي جاچ لاءِ چين جي حمايت جي به واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جي هر صورت جي مذمت ڪئي آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين رياست طور پاڪستان 90000 کان وڌيڪ قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ ملڪ سان گڏ دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ 152 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جا جارحاڻي قدم پاڪستان جي توجهه ان جي آءِ ايس ڪي پي، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي خلاف جاري دهشتگردي مخالف ڪوششن کان هٽائي سگهن ٿا، جيڪي افغانستان جي اندر کان ڪم ڪري رهيا هئا. وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جو پاڻيءَ کي جارحيت لاءِ هٿيار طور استعمال ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي خطرناڪ آهي، خاص طور تي سنڌ طاس معاهدي تحت ڪنهن به ڌر کي هڪطرفي فيصلي جو حق ناهي. هن زور ڏنو ته رڳو جمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن آڻي سگهي ٿو. چيني سفير پاڪستان جي موقف ۽ حقيقتن تي روشني وجهڻ تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته چين، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان سان گڏيل خواهشن جي تڪميل لاءِ هر وقت حمايت ڪندو.
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم، امير قطر طرفان پاڪستان لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا ۾ تازو اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي هر شڪل صورت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جي قربانين کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم، ڀارت طرفان پهلگام واقعي سان بغير ڪنهن ثبوت جي پاڪستان کي ڳنڍڻ جي ڪوشش کي رد ڪيو ۽ واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار بين الاقوامي جاچ جي پنهنجي آڇ کي ٻيهر ورجايو. قطر جي امير ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته قطر موجوده بحران ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.