اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير عرفان نذير اوغلو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪيءَ جي نئين مقرر ٿيل سفير اعزازي نذير اوغلو جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ترڪي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي، ڊگھي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ترڪي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان به ترڪي جي بنيادي مفادن جي حوالي سان ترقي جي ڀرپور حمايت ڪندو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ترڪ صدر کي جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. ترڪ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.