بيجنگ(م ڊ) وزيراعظم پاران پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ رٿائن جَي تحفظ جِي خاطري، شهباز شريف جي بيجنگ ۾ چيني وزيراعظم سان ملاقات، سي پيڪ کي اپڊيٽ ڪري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعت، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي 23  معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون،  چيني وزيراعظم پاڪستان کي سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون، ٻنهي ملڪن ۾ ٽي وي، فلمز، ٽرانسپورٽ، انفرا اسٽرڪچر ۽ صنعت سوڌو 23 معاهدن تي صحيون به ٿيون، ملاقات بعد وزيراعظم شهباز شريف کي چيني هم منصب پاران مانجهاندو ڏنو ويو، اُن کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف گريٽ هال آف پيپل پهتو، جتي چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي دستن وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ٽي وي، فلم، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، صنعت، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ مضبوط تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، چين جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف جي گريٽ هال آف پيپل آمد دوران ، چيني هم منصب لي چيانگ شهباز شريف جو  استقبال ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو،، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، چيني وزيراعظم پاڪستان-چين دوستي کي بي مثال قرار ڏيندي چيو ته اها دوستي هر امتحان ۾ پوري ٿي، اسان پاڪستان سان مضبوط اقتصادي ڀائيواري چاهيون ٿا، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي هر قيمت تي يقيني بڻائيندو، وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 8 جون تائين چين جي سرڪاري دوري تي آهي.