وزيراعظم جي چيف جسٽس سان ملاقات:ٽيڪس ڪيسن جا فيصلا جلد ٻڌائڻ جي اپيل :عدالتي سڌارن بابت اپوزيشن کي به اعتماد ۾ وٺندس: جسٽس يحييٰ

0
36
وزيراعظم جي چيف جسٽس سان ملاقات:ٽيڪس ڪيسن جا فيصلا جلد ٻڌائڻ جي اپيل :عدالتي سڌارن بابت اپوزيشن کي به اعتماد ۾ وٺندس: جسٽس يحييٰ
وزيراعظم جي چيف جسٽس سان ملاقات:ٽيڪس ڪيسن جا فيصلا جلد ٻڌائڻ جي اپيل :عدالتي سڌارن بابت اپوزيشن کي به اعتماد ۾ وٺندس: جسٽس يحييٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي سان چيف جسٽس هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيف جسٽس کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيف جسٽس جي ڏکڻ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ڏورانهن علائقن جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ انصاف جي موثر ۽ بروقت فراهمي جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي مختلف عدالتن ۾ التوا واري ٽيڪس تڪرارن بابت آگاهي ڏيندي چيف جسٽس کي درخواست ڪئي ته انهن ڪيسن ۾ ميرٽ تي جلد فيصلا ڪيا وڃن. چيف جسٽس وزيراعظم کان انصاف جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون به طلب ڪيون. ان موقعي تي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي وزيراعظم پاران انصاف جي نظام جي بهتري لاءِ ڪيل ڳالهه ٻولهه جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيف جسٽس کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ موثر قدم کڻڻ جو پڻ يقين ڏياريو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، رجسٽرار سپريم ڪورٽ محمد سليم خان، لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري تنزيلا صباحت پڻ شرڪت ڪئي. هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب وزيراعظم چيف جسٽس جي دعوت تي ملاقات ڪئي، پڌرائي موجب چيف جسٽس عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي اجلاس جي ايجنڊا اماڻي تجويزون گهريون هيون، ملاقات ۾  چيف جسٽس يحييٰ آفريدي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته عدالتي پاليسي سازي تي اپوزيشن کي به اعتماد ۾ وٺندس، اپوزيشن کان به تجويزون ورتيون وينديون ته جيئن سڌارا غير تڪراري ۽ مضبوط هجن ان موقعي تي چيف جسٽس پاران وزيراعظم کي اعزازي شيلڊ به پيش ڪئي وئي.