اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، سندس  استعفا منظور ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق توقير شاهه بينڪ ۾ بطور ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر مقرري سبب استعيفا ڏني آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران استعيفا منظوري وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. استعيفا 31 آڪٽوبر کان منظور تصور ڪئي ويندي. استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ هڪ مهيني جي نوٽِيس واري شرط کي به ختم ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق وزير اعظم جي نئين پرنسپل سيڪريٽري جي لاءِ مختلف نالن تي غور شروع ٿي ويو آهي. سيڪريٽري خزانه امداد الله بوسال ۽ اقتصادي معامرن واري سيڪريٽري ڪاظم نياز جي جا نالا عهدي لاءِ غور هيٺ آهن. سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊاڪٽر شهزاد خان بنگش جو نالو به وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ غور هيٺ آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران مقرري جي لاءِ سمري جلد وزير اعظم آفيس ڏانهن اماڻي ويندي.