اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي، ارشد نديم اسپورٽس اڪيڊمي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ميڊيا پاران حاصل ڪيل دستاويز موجب، بجيٽ ۾ اسپورٽس اڪيڊمي لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته اڪيڊمي پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس، اسلام آباد ۾ ٺاهي ويندي.دستاويز موجب، منصوبي جي ڪل لاڳت جو اندازو 2,852.6 ملين رپيا آهي، ۽ هاءِ پرفارمنس اسپورٽس اڪيڊمي لاءِ 300 ملين رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.