ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا جي علائقي ڪلي منگل ۾ قبائلي اڳواڻ مٿان بم حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا 6 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب هنه ۽ ڙڪ جي علائقي ڪلي منگل ۾ قبائلي اڳواڻ تي نامعلوم مانهن طرفان بم حملو ڪيو ويو ، جنهن ۾ قبائلي اڳواڻ به زخمي ٿيو. واقعي کانپوءِ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو. ڌماڪي جي ذميواري فوري طور تي ڪنهن گروپ قبول نه ڪئي، پوليس ۽ ليويز ثبوت هٿ ڪري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو.