وزيراعظم جي فضل الرحمان سان ملاقات: سندس پٽ تي حملي تي ڳڻتي ظاهر

0
25
وزيراعظم جي فضل الرحمان سان ملاقات: سندس پٽ تي حملي تي ڳڻتي ظاهر
وزيراعظم جي فضل الرحمان سان ملاقات: سندس پٽ تي حملي تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ سندس ننڍي پٽ اسجد محمود تي حملي ۽ کيس اغوا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم هن ناڪام حملي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جا حڪم جاري ڪيا. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.