اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکي سکر حيدرآباد موٽروي تي جلد ڪم شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، وزيراعظم خط ۾ لکيو ته سکر حيدرآباد موٽروي کي جلد پي ايس ڊي پي فنڊ جو حصو بڻايو ويندو، منهنجي ذاتي دلچسپي آهي ته موٽروي جلد تعمير ڪرايو وڃي، سنڌ جا خدشا جائز آهن، جلد ڪم شروع ڪنداسين