اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪري ڪئنالن بابت ڪيل فيصلي متعلق آگاهه ڪيو. ذريعن موجب وزير اعظم چيو ته ڪو به تڪراري ڪم نه ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان حڪومتي فيصلي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته جيستائين نوٽيفڪيشن نٿو ٿئي غير يقيني ختم نه ٿيندي. صوبن جي حقن جو تحفظ ضروري آهي. ذريعن موجب وزير اعظم چيو ته 2 مئي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويو آهي، جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ ڪئنالن تي ڪم ڇو شروع ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه ۾ وزير اعظم مولانا فضل الرحمان کي ماني جي دعوت به ڏني.