وزيراعظم جو اڄ قوم کي خطاب: بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اعلان جو امڪان

0
16
وزيراعظم جو اڄ قوم کي خطاب: بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اعلان جو امڪان
وزيراعظم جو اڄ قوم کي خطاب: بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اعلان جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم پاران اڄ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اعلان جو امڪان آهي، وزيراعظم شهباز شريف اڄ بجلي جي شعبي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو، وزيراعظم اجلاس کي خطاب دوران بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندو، اجلاس اڄ 2 وڳي ٿيندو، وفاقي وزير پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن سميت 336 ڪاروباري شخصيتون اجلاس ۾ موجود هونديون، جنهن دوران وزيراعظم بجلي جي شعبي ۾ سڌارن تي اعتماد ۾ وٺندو، ان کان اڳ آءِ ايم ايف حڪومت جي درخواست تي بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ هڪ رپيو گهٽتائي جي منظوري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ حڪومت نيپرا کي بجلي سستي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ذريعن موجب بجلي قيمتن ۾ 6 رپين تائين رليف ملي سگهي ٿو. جڏهن ته آءِ پي پيز سان ڳالهين جي نتيجي ۾ 3498 ارب جي بچت ٿيندي.