اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم ايڪسپورٽ فيسليٽيشن اسڪيم خلاف شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اسڪيم ۾ ترميم ۽ سڌارن لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي به قائم ڪئي، نوٽيفڪيشن موجب وفاقي وزير احسن اقبال ڪاميٽي جو ڪنوينر هوندو، ڪاميٽي ۾ ايف بي آر چيئرمين، پي ٽي اي سميت ناڻي ۽ واپار وارين وزارتن جا عملدار به شامل هوندا.