اسلام آباد (بيورو رپورٽ/ مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو.  وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ واري قرارداد پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيش ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي 180 ميمبرن جا ووٽ مليا. قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ٻڌايو ته جيڪڏهن مفتي عبدالشڪور جيئرو هجي ها ته اعتماد جا ووٽ 181 هجن ها پر هن 180 ووٽ حاصل ڪيا آهن. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اتحادي جماعتن جي مانجهاندي ۾ مشاورت ڪئي، جنهن کانپوءِ هن اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ميمبرن سان مشاورت ڪئي ته اتحادين کيس اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته اسان کي توهان تي مڪمل اعتماد آهي، توهان ڪڏهن به ايوان کان اعتماد جو ووٽ وٺي سگهو ٿا. ايوان ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ٿينديون، جنهن ۾ رڳو ون پوائنٽ ايجنڊا سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون هوندي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ڪرڻ تي سڄي ايوان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته هن چيو ته ٽي رڪني بينچ جو فيصلو نه چار ٽي وارو فيصلو ۾ڇيون ٿا، اڄ قانون جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهو منجمد رهندو، اها سينا زوري آهي. پارليامينٽ جي آئيني حيثيت کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ جو اختيار دنيا جي ڪا طاقت نٿي کسي سگهي، پارليامينٽ جي ٺهراءَ سان بيٺا آهيون، آئون هن پارليامينٽ جو حصو آهيان ۽ توهان سان گڏ بيٺو آهيان، جيڪڏهن مون کي گهر موڪليو ٿا ته وڃڻ لاءِ تيار آهيان. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڳالهين لاءِ چيو ويو، اسان وٽ ته سوٽو به ناهي، اسان ته ڳالهيون ڪندا آهيون، تحريڪ انصاف کي صلاح مشوري کانپوءِ ڳالهين جي دعوت ڏني، اسان جي اتحاد ۾ اهڙيون جماعتون آهن، جيڪي جائز ۽ سخت موقف رکن ٿيون، انهن کي راضي ڪيوسين. وزيراعظم چيو اميد ته اڄ تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين ۾ واحد ايجنڊا هڪ ئي ڏينهن عام چونڊن جي هوندي. وزيراعظم چيو ته رڳو پنجاب ۾ چونڊون ٿيون ته پيغام ويندو ته وڏي صوبي استحصال ڪيو آهي، ان ڪري هڪ ئي وقت سڄي ملڪ ۾ چونڊون چاهيون ٿا. هوڏانهن ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پارليامينٽ جي سياست کي مضبوط ڪري آمر کي شڪست ڏيڻ لاءِ اسين سڀ متحد آهيون. ان کان اڳ قومي اسيمبلي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي لاءِ فنڊز ڏيڻ جي تحريڪ ٻيهر رد ڪري ڇڏي  قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ دفعو ٻيهر چونڊن جي لاءِ 21 ارب روپيه جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڇا هي ايوان وفاقي حڪومت کي پنجاب ۽ ڪي پي چونڊن جي لاءِ 21 ارب روپين جا فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جنهن تي پارليامينٽ اڪثريت راءِ سان اها تحريڪ رد ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته 3 جج پي ٽي آءِ جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن. اسان کي انهن جو ڪوبه فيصلو منظور نه آهي. ڳالهيون سپريم ڪورٽ جو ڪم نه آهي، ڪنهن جي تحفظ ۽ ان جي مقصد جي لاءِ ڪيل فيصلا قبول نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن3-2 جي فيصلي تي وزيراعظم پنهنجي ڪرسي نه ڇڏيندو. اسان کي هنن جا فيصلا قبول نه آهن. 3-2 کان سواءِ باقي ٻيا سپريم ڪورٽ جا فيصلا اسان کي قبول آهن.