وزيراعظم اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ پيش، گم ٿيل شھرين جو معاملو حل ڪرڻ جي خاطري

0
114

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله گُم ٿيل شهرين جي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران فرحت الله بابر جي دليلن تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته چيف ايگزيڪيوٽو ائين چوي ته انٽيليجنس ايجنسيون سندس ماتحت نه آهن، ته اهو آئيني ڀڃڪڙي کي قبول ڪرڻ آهي، اهڙو اعتراف ڪندڙ چيف ايگزيڪيوٽو کي عهدو ڇڏي گهر وڃڻ گهرجي

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪو چيف ايگزيڪيوٽو پنهنجي بيوسي جو بهانو نٿو ڪري سگهي، اهڙو جواز ڏيڻ جو مطلب ته توهان چئي رهيا آهيو هتي رياست اندر رياست آهي

عدالت قانون جي وفاقي وزير کي چيو ته ڪو اهڙو فورم ٻڌايو، جيڪو گُم ٿيل شهرين جي وارثن لاءِ هر وقت دستياب هجي، هي وقت هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جو نه، پر خوداحتسابي جو آهي

آمنه مسعود جنجوعه چيو ته حڪومت گُم ٿيل شهرين جي ڪيس ۾ فيصلن خلاف اپيلون واپس وٺي

ھي به پڙھندا

رليف فنڊ لاءِ سرڪاري وڪيلن جي پگهار نه ڪٽڻ جو حڪم

توهين عدالت ڪيس: عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو