واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ عورت وزن گھٽائڻ جي جنون ۾ پنهنجي مڙس کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ ان کان سواءِ هن نوڪري پڻ ڇڏي ڏني آهي. ان ڏس ۾ رهوڊ آئي لينڊ سان تعلق رکندڙ 38 ورهين جي آمريڪي عورت جو نالو ڪوني اسٽور ٻڌايو ويو آهي، جنهن ٻڌايو ته مڙس ۽ نوڪري ڇيڏ ڪيئن هن پنهنيج زندگيءَ ۾ تبديلي آندي. ميڊيا رپورٽن موجب 2020ع ۾ ڪوني اسٽورز هڪ خوشگوار زندگي گذاري رهي هئي، هي هڪ پرڻيل عورت ۽ هڪ ڌيءُ جي ماءُ ٿيڻ سان گڏ سٺي نوڪري پڻ ڪندي هئي، پر هوءَ پنهنجي مڙس ۽ نوڪريءَ کان بيزار ٿي وئي هئي. عورت ٻڌايو ته حالتون ان وقت خراب ٿيون جڏهن عالمي وبا ڪورونا جي ڪري لاڪ ڊائون لڳو ۽ هن شراب ۽ کاڌو کائڻ وڌائي ڇڏيو، جنهن جي ڪري سندس وزن 136 ڪلو تائين پهچي ويو. هن پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ ۽ خوشگوار رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي نوڪري سميت مڙس کان به عليحدگي اختيار ڪري ورتي ۽ پوءِ رولر اسڪيٽنگ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪري ورتو جنهن جي ڪري عورت پنهنجو وزن 45 ڪلو وزن گھٽايو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عورت هاڻي رولر اسڪيٽنگ جي ماهر ٿي وئي آهي ۽ گڏ ئي هوءُ هڪ ڪامياب ريئل اسٽيٽ جو بزنس پڻ هلائي ٿي.