پوري دنيا ۾ماڻهو آرامده زندگي گذارڻ لاءِ نت نوان طريقا استعمال ڪري رهيا آهن، ٽيڪنالاجي اهڙي ته حالت ڪئي آهي جو ماڻهو ويٺي ويٺي هر ڪم ڪرڻ لاءِ آتا هوندا آهن، ان ڪري انهن جو وزن وڌي ويندو آهي، ۽ پوءِ هو پريشان ٿي ويندا آهن، جڏهن هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويندا آهن، ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، ته وري وزن گهٽائڻ وارين مختلف دوائن جو سهارو وٺندا آهن، جيڪي به وري نيون بيماريون پيدا ڪري ڇڏينديون آهن. آمريڪا، برطانيا سميت دنيا جي ڪيترن ئي اسريل ملڪن ۾ وزن گهٽائڻ وارين اهڙين دوائن کي سرڪاري لائسنس جاري آهن، پر ڪيترن ئي ملڪن ۾ غير قانوني طور تي اهڙيون دوائون هلي رهيون آهن. ان ڪري ماڻهن جي مرڻ جون خبرون به اچڻ شروع ٿي ويون آهن. برطانيا ۽ آمريڪا ۾ اهڙين دوائن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. يورپي ميڊيا جي رپورٽن ۽ ميڊيڪل جرنلز جي رپورٽن ۾ به اهڙي قسم جي دوائن تي وڏو بحث شروع ٿي ويو آهي.
برطانيا جي صحت جي نگران اداري Medicines and Healthcare products Regulatory Agency (MHRA) وزن گهٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ مشهور دوائن Ozempic ۽ Mounjaro بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جن کي هاڻي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين سان ڳنڍيو ويو آهي. تازو سامهون آيل ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿو ته GLP-1 receptor agonist درجي واريون دوائون، جن ۾ Ozempic،Wegovy ۽ Mounjaro شامل آهن، انهن سان لاڳاپيل 300 کان وڌيڪ پئنڪريائٽائٽس (Pancreatitis) جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو انهيءَ بيماري سان لاڳاپيل موت جو شڪار ٿيا. هڪ ٻئي ذريعي، Chemists and Druggists خبر ڏني آهي ته برطانيا ۾ 111 ماڻهن جي موت جي رپورٽ آهي، جن GLP-1 دوائون ورتيون هيون. بهرحال،MHRA چواڻي، اهو ضروري ناهي ته اهي موت سڌيءَ طرح انهن دوائن سبب ٿيا هجن. ممڪن آهي ته مريض اڳ ۾ ئي ڪنهن سنگين بيماري جو شڪار هجن. پر جڏهن ڊاڪٽرن يا اسپتالن انهن فوتگين کي رپورٽ ڪيو، ته انهن کي شڪ هو ته ان ۾ دوا جو ڪردار ٿي سگهي ٿو.
MHRA هاڻ عوام کي گذارش ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن انهن کي GLP-1 دوائن کان پوءِ پئنڪرياس سان لاڳاپيل ڪا به علامت محسوس ٿئي، ته “Yellow Card” ذريعي رپورٽ ڪن. هيءَ مهم دوا جي رد عملن بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾، برطانيا جي National Health Service (NHS) تازو ئي Mounjaro دوا تجويز ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، پر رڳو انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ٿولهه سان لاڳاپيل چئن يا وڌيڪ بيمارين جو شڪار هجن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته BMI (Body Mass Index) جو معيار به نسل يا قوميت مطابق ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪا پاليسي تي پڻ تنقيد ٿي رهي آهي. ڊاڪٽرن ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته اڪثر ماڻهن لاءِ اهي دوائون محفوظ آهن، پر موجوده ڊيٽا ڏسندي احتياط ضروري آهي.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ GLP-1 agonist درجي واريون وزن گهٽائڻ واريون دوائون جيئن Ozempic (semaglutide)، Wegovy، ۽ Mounjaro (tirzepatide) دستياب آهن- پر انهن جي دستيابي، قانوني منظوري، ۽ استعمال جو دائرو ملڪ به ملڪ مختلف آهي. ان قسم جون دوائون آمريڪا، برطانيا، يورپ سميت سمورن عرب ملڪن سان گڏ هندستان ۽ پاڪستان ۾ به موجود آهن، جن مان ڪيترين ئي دوائن کي لائسنس جاري آهن پر ڪيتريون ئي دوائون بنا لائسنس جي هلي رهيون آهن، ان کي روڪڻ لاءِ انهن ملڪن وٽ ڪو ميڪينزم آهي پر ان تي عمل ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، ان ڪري ماڻهو اهي دوائون استعمال ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن. پاڪستان ۾ به Ozempic موجود آهي، پر ڪجهه سختيءَ سان Ozempic (semaglutide دستياب آهي، خاص طور تي ذيابيطس ٽائپ 2 جي مريضن لاءِ هوندي آهي، ڪجهه وڏن شهرن جي ميڊيڪل اسٽورن تي ملي سگهي ٿي (ڪراچي، لاهور، اسلام آباد وغيره) عام طور تي ڊاڪٽر جي نسخي تي ئي وڪرو ٿئي ٿيWegovy ۽ Mounjaro اڃا تائين پاڪستان ۾ وزن گهٽائڻ لاءِ رسمي طور تي رجسٽرڊ ناهن. اهڙيون دوائون بغير تجربي جي وٺڻ سان جگر، يا پئنڪرياس جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ مريض کي ڪنهن به دوا وٺڻ کان پهرين پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي، ڇو جو انهن دوائن جا ڪيترائي سائيٽس افيڪٽس به ٿيندا آهن.
برطانيا ۾ تقريباَ 1.5 ملين ماڻهو هاڻ وزن گهٽائڻ لاءِ GLP-1 درجي واريون دوائون وٺي رهيا آهن. انهن مان گهڻا فائدي ۾ آهن، پر MHRA جو قدم انهيءَ پڪ کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي ته ماڻهن کي دوا جي ممڪن خطري بابت به ڄاڻ هجي، جيئن هو بهتر فيصلو ڪري سگهن. برطانيا ۾ تقريباً 294 پئنڪريٽايٽس جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهن جي موت GLP 1 دوا سان جڙيل ٿي سگهي ٿو. اسڪائي نيوز موجب .Mounjaro سان 181 ڪيس ۽ 5 موت، Wegovy/Ozempic سان 113 ڪيس ۽ 1 موت رپورٽ ٿيو آهي. پر هي واضح ناهي ته موت دوا جي سڌي اثر سان ٿيو يا نه. اهو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. ان تي ڪا پابندي في الحال ناهي لڳائي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو شراب جو گهڻو استعمال ڪندا آهن، اهي ئي انهن دوائن جو به استعمال ڪري رهيا آهن. آمريڪا ۾ به اهڙين دوائن جي حوالي سان تحقيقات شروع ڪئي وئي آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙيون دوائون عام استعمال ڪندڙن ۾ خطرو نسبتاً نه رهيو، خاص ڪيسن جي تحقيق لاءِ انفارميشن گڏ ڪري، جينياتي اسڪريننگ متعارف ڪرائڻ ۽ استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪرڻ لازمي آهي. طبي ماهرن جو چوڻ اهڙين دوائن جو استعمال تيزي سان وڌي رهيو آهي، ان لا ضروي آهي ته ماڻهو وزن گهٽائڻ وارين دوائن بجاءِ ورزش ڪن ۽ پنهنجي کاڌ خوراڪ جو بهتر استعمال ڪري پنهنجي وزن کي گهٽائي سگهن ٿا.