ورڪشاپ(ن پ ا) ورڪشاپ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن منڊ جمڙائو ريگيوليٽر تي احتجاجي مظاهرو ڪري سانگهڙ چونڊڪو روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي آبادگارن ملڪ اسحاق، شفيق احمد، حب علي شر ۽ ٻين چيو ته صدرٺ ون  شاخ، صدرٺ ٽو ۽ فيڊر شاخ ۾ وارا بندي کانپو پاڻي ناهي ڇڏيو ويو، جنهن ڪري فصل سڪائي آبادگارن جو معاشي قتلاعام ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته نئون ۽ پراڻو ڦل هلندڙ آهن پر ٽنهي شاخن کي سڪائي آبپاشي عملدار اسان سان ظلم ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته شاخن ۾ پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، بعد ۾ آبپاشي عملدارن جي خاطري تي آبادگارن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.