ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان واڍڪي پتڻ اسٽاپ واسي پورھيت پراسرار بيماري سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي، واڍڪي پتڻ واسي پن جا پکا ٺاھي ٻچن جي روزي ڪندڙ پورھيت احمد پکائي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي، پورھيت پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پير ۾ ڦٽ نما فرڙي ٿي جنهن ڪري ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آھيان، هن حڪومت ۽سرندي وارن کي علاج ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.