ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر( ورڪشاپ چوٽياريون ڊيم علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 300ايڪڙن تي مشتمل ڀرپاسي جا علائقا سم  جي ور چڙهي ويا، اڇڙي ٿر واري پاسي کان پيچنگ نه هئڻ ۽ وارياسو علائقو هئڻ ڪري وڏي ايراضي سم جي ور چڙهي وئي، ٿر جي سونهن ۽ ٿر جي فطري حسن کي ڪپاري ڌڪ، هزارين وڻ، ٻيلا ۽ باغ تباهه ٿي ويا، چوپائي مال جو چار گاهون ۽ چارو به ختم ٿي ويو، ان ڏس ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ڪيل سروي ۽ مليل ڄاڻ موجب حر تحريڪ جي مزاحمتي قلعي سانگھڙ جي حرن جي ڳڙھه کي ختم ڪرڻ لاءِ برطانوي  حڪومت  جي جوڙيل پلان تي عمل ڪندي حرن جي اڪثريت واري علائقي  مکيءَ ۾  ڊيم تعمير ڪرايو ويو، سنڌ سرڪار 1994ع ۾ ھڪ ارب 93 ڪروڙ جي لاڳت سان سانگھڙ کان 20 ڪلو ميٽر پري مڪمل وارياسي علائقي  ۾ مکي ٻيلي ۾ هڪ سئو اسڪوائر ڪلو ميٽرن جي ايراضي تي مشتمل زمين تي  ڊيم ٺاهيو ويو جنهن کي ٽن سالن جي عرصي دوران جون1997 مڪمل ڪرڻو هو جيڪو ڊيم ھڪ ارب 93 ڪروڙ سان ٺهڻو هو جنهن جي لاڳت 6 ارب روپين تائين وڌائي وئي ان  کي 29 ڊسمبر 2002 ۾ مڪمل ڪيو  ويو جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزير اعظم مير  ظفر ﷲ خان جمالي، ڪيو هڪ سئواسڪوائر ڪلو ميٽرن تي مشتمل زمين تي ٺهيل هن ڊيم جي پچنگ يعني بند 58 ڪلو ميٽر سانگھڙ ۽ چوٽياريون واري پاسي کان ڏنل آهي هن جي اوڀر ۽ اتر وارو پاسو جيڪو وارياسين ڀٽن تي مشتمل آهي جنهن کي کليل ڇڏيو ويو  جنهن ڪري علائقي  ۾ جمع ٿيندڙ  پاڻي  80 ڪلوميٽرن تائين اوڀر طرف واري علائقي اڇڙي ٿر کي وڏو نقصان پهچايو ، سانگهڙ، کپرو، پيرومل، ڄام نواز علي، ميرپور خاص، سنڌڙي، پٿورو ۽ عمرڪوٽ تائين چوٽياريون ڊيم جي سپيج ۽ سيبلاب وڪوڙي ورتو، ڊيم جي تعميرات لاءِ مکي جي مشهور ٻيلي کي ختم ڪري اها رٿا جوڙي وئي جنهن جي اڌوري تعميرات بعد هن ڊيم کي 29 مئي 2005 تي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو هو ان وقت جي وفاقي وزير لياقت علي خان جتوئي، ۽ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام  رحيم  سانگهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن ڊيم کي سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ وقت اهو منصوبو ناقص قرار ڏيندي چيو ته ڊيم جو ڪم ۾ ناقص ميٽريل استعمال ٿيو آھي، سم جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۽ علائقي کي سم کان بچائڻ  لاءِ ڊيم جي اولھه واري طرف کان اوڍ واري پاسي کان چوٽيار بقارلنڪ تائين سئو  ٽيوب ويل لڳائڻ جو 35ڪروڙ جي لاڳت سان پراجيڪٽ منظور ٿيو، ٻه پمپنگ اسٽيشنن سميت 100 سئو ٽيوب ويل لڳا ئڻا هئا پر ٺيڪيدارن ۽ آبپاشي کاتي ٻين عملدارن هڪ 5 بائي  6 جو ڪمرو ٺاهي رقم ڪڍرائي وئي ، پر ڪو به ٽيوب ويل  ٽيويه سالن ۾ نه هليو نه ئي مڪمل  مٽيريل مليو ، ٽرانسفارمرن کان وٺي موٽر تائين سڀ ڪجھه ڪاغذ ۾ ته تيار ڪيو ويو، پمپنگ اسٽيشن ۽ ٽيوب ويل جي نه هلڻ سبب سم سميت برسات جو پاڻي به 2022ع جي ٻوڏن وارو پاڻي به نڪري نه سگهيو، ورڪشاپ چوٽياريون ڊيم جي تعمير کان اڳ ان جڳھه تي وڏا وڏا وڻن جا ٻيلا ھئا، تاريخ جي ڄاڻو مير محمد نظاماڻي موجب جتي ھاڻي چوٽياريون ڊيم ٺهي ويو آھي اتي چوپائي مال جو تمام  وڏيون چراگاھون ھيون، ھو مال چارڻ سانگي جھنگ جو رخ ڪندا ھئا ته ھر ٻئين ٽئين وڻ ۾ ماکي ويٺل ھوندي ھئي،1893 ڌاري انگريز سامراج خلاف خلاف حرن پاران حر گوريلا ويڙھ به مکي ٻيلي کان شروع ٿي جنهن ۾ حر ويڙھاڪ جٿن جي اڳواڻي بچو بادشاھ خاصخيلي ۽ پيرو وزير ڪئي جنهن ۾ دٻي جا ھٿيار استعمال ٿيا انڪري انگريز جي حڪمت عملي ھئي ته مکي ٻيلي کي مڪمل نموني ڪئين ختم ڪجي انڪري اتي چوٽياريون ڊيم تعمير ڪري حر موومنٽ کي  تباھ ڪيو وڃي. هن جنگ ۾ حر عورت ويڙهاڪن به ڀرپور نموني حصو ورتو جوش خذبي سان انگريز جو مقابلو ڪري کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.

پاڻيءَ جي واري بندي هئڻ باوجود ڊيم جي ٻوڏ ۾ گهٽتائي نه آئي

ورڪشاپ: سکر بئراج کان پاڻي جي واري بندي هجڻ باوجود چوٽياريون ڊيم جي سيلاب ۾ ڪمي نه اچي سگهي يونين ڪائونسل شاھ سڪندرآباد، يونين ڪائونسل نيو جکڙائو يونين ڪائونسل گجري، يونين ڪائونسل ڪو ٽ نواب، جانب ڍوري سميت ڪيتريون ديهون ديه دٻي، ديه سم جئيندو، ديه سينهوري، ديه سماٿري، ديه اڪن واري، ديه لٻ  سميت ڪيترائي ڳوٺ  پاڻي هيٺ آيل ڳوٺ فقير ساجن بهڻ، خليفو اله بخش جوڻيجو، حاجي بچل لغاري، ڪنڊهو فقير ڳاهو حاجي نواب بهڻ، حاجي الهڏنو بهڻ،فقير محمد رمضان ڪارڙو، محمود ڪارڙو عثمان ڳاهو، فقير محمد بچل خاصخيلي، ڌڻي بخش خاصخيلي، غازي خان نظاماڻي سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ سيلابي پاڻي هيٺ آهن.

چوٽياريون ڊيم مال جا چراگاهه ختم ڪري ڇڏيا: رهواسي

ورڪشاپ: پنهجي اخبار سان ڳالهائيندي علائقي واسين حاجي الهڏنو بهڻ، جعفر الدين بهڻ، شاهنواز بهڻ مريد حسين لغاري علي حسن جوڻيجو، مدد جوڻيجو صدام جوڻيجو ۽  ٻين ٻڌايو ته چوٽياريون ڊيم کان اڳ اسين خوشحال سکيا سهنجا نالي وارا ڀاڳيا هئاسين، جيئن چوٽياريون ڊيم ٺهيو ته سڀ کان پهريان اسان جي چوپائي  مال جو چراگاهو تباھ ٿيو، پوءِ زمينون به سيلاب جي ور چڙهي ويون، هاڻ انهن زمينن ۾ پاڻي پاڻي آهي، نه ته ڪو تڪ جو چونڊيل نمائيندو ٿو سار لهي، نه ئي وري آبپاشي عملدار ٿا سار لهن، اسين  ماضي جا امير ۽ ڪروڙ پتي ماڻهو ڪک پتي بڻجي ويا آهيون ڪير ٻڌڻ وارو ناهي.

چوٽياريون ڊيم ۾ آيل زمينن جو معاوضو به حقدارن کي نه مليو

ورڪشاپ: چوٽياريون ڊيم اندر آيل زمينن جو معاوضو به  حقدارن کي نه ملي سگهيو عدالتن ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ڊيم  متاثر زميندار مايوس ٿي خاموش اختيار ڪري ورتي، چوٽياريون ڊيم سيلاب جي متاثرين جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ايس ٽي پي اڳواڻ جبار جوڻيجو  پنهجي اخبار کي  ٻڌايو ته آرڊي پنجهٺ کان سيلاب جو پاڻي ڊيم اندر نيڪال ڪرائڻ لاءِ گيٽ منظور ڪرايو آهي جنهن جو جلد  ڪم شروع ٿيندو جنهن سان چوٽياريون ڊيم جي سيلاب متاثرين کي تمام گهڻو فائدو پهچندو.

ڊيم جي سم سبب جر جو پاڻي به زهريلو ٿي ويو

ورڪشاپ: ڊيم جي گندي ۽ زهريلي پاڻي جي ڪري علائقي ۾ جر جو پاڻي به زهريلو ٿي ويو هر ٻيو ماڻهو  ڪاري سائي ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا بک بدحالي ڪاهي پئجي وئي ماضي جا امير ماڻهو هٿ ٽنگڻ تي مجبور بڻجي ويا.

چوٽياريون ڊيم جا بند ڪمزور، بيلدار ۽ عملو غائب

ورڪشاپ: چوٽياريون ڊيم جا بند وقت سر سارا سنڀال نه لهڻ سبب پيادل هلڻ جي لائق به نه رهيا بندن ۾ برساتن وقت گوڏي جيترا کڏا پئجي ويا بند پيادل سفر ڪرڻ جي لائق به نه رهيا بندن تي مقرر بيلدار ۽ ٻيو عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا.

چوٽياريون ڊيم کان اڳ مکي ٻيلو جهنگلي جانورن جي محفوظ پنگاهه هو

ورڪشاپ: چوٽياريون ڊيم کان اڳ مکي ٻيلو جهنگلي جانورن جي محفوظ پنگاه طور مشهور هو جنهن ۾ جهنگلي ڦاڙهو، هرڻ، سهو سوئر گدڙ سهيڙ لڌڙي  سميت ٻيا ڪيترائي جهنگلي جانور وڏي تعداد ۾  رهندا  هئا پر ڊيم جو پاڻي اچڻ بعد جهنگلي جيوت کي تمام وڏو نقصان پهتو ۽ نه هاڻ مکي ٻيلو رهيو نه ئي جانور فطري حسن سان مالا مالا علائقو رڃ سڃ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، چوٽياريون ڊيم کان اڳ کاڄن جي پوک جي حوالي سان مٿي ذڪر ڪيل علائقا  مشهور هئا، وڏي ايراضي تي کاڄن جو فصل پوکيو ويندو هو، ڦٽي جو فصل به تمام گهڻي مقدار ۾ پوکيو ويندو هو ڊيم جي سيلاب سبب زرخيز زمينون ڪلر ڪري فصل ڏيڻ ڇڏي ويون خوشحال زميندار ڪنگال بڻجي ويا لڏ پلائڻ تي مجبور بڻيل  آهن.