ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ۾ ليڊي ٽيچر ھراسان مامرو حل نه ٿيو، ليڊي ٽيچر ڊي اي او آفيس رليو، ڊي اي او جي جوڙيل ٽيم پاران استادن جا بيان قلمبند، ليڊي ٽيچر کي نه گهرايو ويو، ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر، ليڊي ٽيچر جو چوڻ آهي ته انصاف ٿيندي نظر نه پيو اچي، جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، خبر موجب 2 ڏينهن اڳ ھائير سيڪنڊري اسڪول جي ليڊي ٽيچر فرخندا شاھين اسڪول جي استادن مٿان کيس ھراسان ڪري حملو ڪرڻ جا الزام لڳايا ھئا، مامرو ميڊيا تي اچڻ بعد ڊي اي او سانگهڙ سرور راجپوت ليٽر جاري ڪندي ٽيم جوڙئي، جيڪا ڪالهه استادن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ ھائير سيڪنڊري اسڪول پهتي، جتي ٽيم پاران ليڊي ٽيچر فرخندا شاھين کي نه گهرايو ويو، جنهن تي ٽيم مٿان فرخندا شاھين بي اعتمادي ظاھر ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته کيس جاچ ٽيم پاران ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو، جنهن ما لڳي ٿو ته ساڻس انصاف نه ٿيندو، ليڊي ٽيچر ٻڌايو ته جاچ ٽيم مقامي وڏيرن کي گهرايو، جيڪي نٿا چاھين ته ڪا نياڻي اسڪول ۾ تعليم ڏئي سگهي، هن جاچ ٽيم کي رد ڪندي چيو ته ساڻس انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي، ليڊي ٽيچر فرخندا شاھين خٽڪ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو کيس زبردستي رليو ڪيو ويو آھي، ھوءَ ھتان وڃڻ نٿي چاھي، کيس زبردستي ڊي او آفيس رليو ڪري مامري کي ليئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسڪول تي جاگيردار مافيا جو قبضو آھي، اھي نٿا چاھين ته ساڻس انصاف ٿئي، هن چيو ته پنهنجي حق خاطر ھر حد تائين وينديس، هن چي ته جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، ان حوالي سان پنهنجي اخبار طرفان  جاچ ٽيم ۽ ڊي اي او سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هننن فون رسيو نه ڪيو، فرخندا شاھين کي انصاف ڏيڻ بدارن ڊي اي او آفيس سانگهڙ رپورٽ ڪرڻ تي هتان جي سياسي سماجي ڌرين سيشن جج کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.