ورڪشاپ(ن پ ا) گذريل ڏينهن اڳ کينهواري ٿاڻي جي حد آر ڊي 463 لڳ هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي سڌي فائرنگ ڪري گلهبار چانگ کي قتل ڪيو هو، جنهن بعد واقعي ۾ ملوث 4 جوابدارن گلهبار چانڊيو، عجمير چانڊيو، گل مير چانڊيو، قاسم عرف طوطو چانڊيو کي حر جماعت جي ماڻهن سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو، ڪالهه مقتول گلهبار چانگ جو ڀاءُ کينهواري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويو ته کينهواري پوليس لنوائيندي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي کيس واپس موٽائي ڇڏيو، علائقي واسين کينهواري  پوليس جي اهڙي عمل خلاف سانگهڙ چونڊڪو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي 3 ڪلاڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پوليس مجبور ٿي چئن جوابدارن گلهبار چانڊيو، گل مير چانڊيو، عجمير چانڊيو، قاسم عرف طوطو چانڊيو خلاف مقتول جي ڀاءُ محب چانگ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڳوٺاڻن پاران بند ڪيل روڊ کولرايو.