ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان ھڪ سال اڳ چڪ نمبر 46 ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو، فائرنگ ۾ پيءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا ھئا
ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو فقير محب خان جمالي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، ٻنهي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد رجب علي مگسيُ ۽ غلام قادر مگسي جي ڌر تي 2 خون ثابت ٿيا
جن ۾ فوتي سڀاڳو مگسي ۽ زمان مگسي جي خون بھا جي رقم ھڪ هڪ ڪروڙ 60 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، في خون جي خون بها جي رقم 80 لک رپيا مُقرر ڪئي وئي، جهيڙي ۾ چار زخمين جو الڳ ڏنڊ مُقرر ڪيو ويو گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿيل صدورو مگسي، جا 15 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو
باقي معمولي زخمي ٽن ڄڻن جا اڍائي اڍائي لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌر نمبر ٻه مسڪين مگسي تي پڻ ھڪ خون پوڙھو عرف الھبچايو مگسي جو ثابت ٿيو جنهن جو پڻ 80 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو
ڌرين کي فيصلو پڙھي ٻڌايو ويو، فيصلي ۾ طئي ٿيو ته جهيڙي واري زرعي زمين جيڪا ٻنھي ڌرين وٽ موجود آھي ساڳي حالت ۾ قبضي ھيٺ رھندي ڪير به اڳتي اڳرائي نه ڪندو، فيصلي ۾ امين طور يوسف جمالي، غلام رسول انڙ ۽ منظور شرڪت ڪئي. فيصلي بعد دعا خير پڻ گهري وئي