ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان گذرندڙ پائيپ لائين مان تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف، خبر موجب چڪ 34 مان گذرندڙ پائيپ لائين مان تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ورڪشاپ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تيل جي چوري ۾ استعمال ٿيندڙ زمين اندر پوريل رٻڙ جو پائيپ ۽ ٻيو سامان پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ان تي هنڌ تي تيل کڻڻ لاءِ ايل ٽينڪر جا نشان به موجود هئا، هڪ سال اڳ ان تيل پائپ لائين مان تيل چوري ڪندي اوچتو باھ ڀڙڪڻ سبب 2 ڄڻا حضورو بروهي ۽ نيڪ محمد چانڊيو سڙي فوت ٿيا هئا، جاچ بعد پتو پيو هو ته پائين جي ڀرسان ٺهيل گهر اندر تيل چوري ڪڍيو ويندو هو ۽ باھ ڀڙڪڻ سبب ٻه ڄڻا سڙي مري ويا.