ورڪشاپ(ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان 6 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي جي ڪوشش، دانهن تي علائقي واسين پهچي کيس بچائي ورتو، ڪيس داخل، خبر موجب دڙي واري علائقي ۾ دڪان تان شئي وٺڻ ويل 6 ورهين جي ٻارڙي نازيه ابوپوٽو سان دڪاندار زيادتي جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙي جي دانهن تي علائقي واسين پهچي کيس بچائي ورتو، ٻارڙي جي والد گلزار ابوپوٽو جي فرياد تي منگلي ٿاڻي تي جوابدار اشفاق کوکر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منگلي پوليس ڪارروائي ڪندي ٻارڙي سان ڏاڍئي جي ڪوشش ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.