ورڪشاپ(ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو گهر اندر گوليون هڻي همراهه کي قتل ڪري فرار ٿيندڙ 4 هٿياربندن کي حر جماعت جي ماڻهن گهيرو ڪر سوگهو ڪري ورتو، پوليس حوالي، خبر موجب کينهواري ٿاڻي جي حد آرڊي 463 لڳ گذريل رات موٽر سائيڪل تي سوار 4 هٿياربندن گهر اندر ستل گلهبار چانگ کي سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته حر جماعت جي ماڻهن پيڇو ڪيو، جنهن تي جوابدار موٽرسائيڪل ڇڏي پيادل فرار ٿي فصل ۾ لڪي ويا، جنهن تي وڏي تعداد ۾ حر جماعت جي ماڻهن سڄي رات هٿياربندن جو گهيرو ڪيو، صبح ٿيڻ شرط ئي چئني هٿياربندن گلهبار چانڊيو، عجمير چانڊيو، گل مير چانڊيو ۽ قاسم عرف طوطو چانڊيو کي سوگهو ڪري ورتو، جن پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ته هنن جي دشمني يعقوب ٽانوري نالي شخص سان هئي، جنهن جي پويان هو آر ڊي 463 تي پهتا هئا ۽ غلطي سبب گلهبار چانگ مارجي ويو، هو اصل ويٺل ٽنڊو مستي جي ڳوٺ ڦوڙي چانڊيو جا آهن، سندن چوڻ هو ته ڪجهه سال اڳ يعقوب ٽانوري سندن ٻانهن ڀڄائي هئي، جنهن جي پلاند ۾ هو کيس قتل ڪرڻ لاءِ آيا هئا ۽ غلطي سبب گلبھار چانگ سندن گولين جو کاڄ بڻجي ويو، حر جماعت جي ماڻهن پڪڙيل چئني جوابدارن کي کينهواري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، کينهواري پوليس جوابدارن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب قتل ٿيل گلهبار چانگ جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن پهتا، جيئن ئي وارث ايندا ته قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.