ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ويجهو ڪتن جي ويڙهه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 13 ڄڻا زخمي، ماڻهن ۾ ڀاڄ، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ،  خبر موجب پنج چڪ ۾ ڪتن جي ويڙهه جي پروگرام دوران شاهه ۽ چاڪراڻي برادري جي  ٻن ڌرين ۾ منهن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين ھڪٻئي خلاف ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 24 سالا واجد مگريپوٽو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 13 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين کڻائي سول اسپتال سانگهڙ پھچايو، جتان کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌرين ۾ جهيڙي دورن موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، نوجوان جي قتل واقعي بعد علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون، اطلاع تي منگلي پوليس پهچي حالتن تي ضابطو آندو، پوليس ٻڌايو ته حالتون ڪنٽرول ھيٺ آھن، جھيڙي واري ھنڌ پڪٽس قائم ڪيون ويون آھن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿ سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته منگلي پوليس ڳري رشوت عيوض علائقي ۾ ڪڪڙن ۽  ڪتن جي ويڙهه ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ھٿ سان  امن خراب ڪرائي رهي آهي.