ورڪشاپ(ن پ ا) ورڪشاپ جي ڀرپاسي وارن علائقن واڍڪي پتڻ جکڙائو مهيارڪي رانٽو ڪئنال ڀرپاسي ناياب نسل جي ڦاڙهن جو شڪار رڪجي نه سگهيو، هڪ هفتي دوران ويهه کان مٿي ناياب نسل جا ڦاڙها بي رحم شڪارين جي بندوقن جو بک بڻجي ويا، علائقي جي سڄاڻ ڌرين پاران  ڳڻتي ظاهر شڪار ٿيل ڦاڙهن جو تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل جيڪي  پنهجي اخبار هٿ ڪري ورتيون چيٽ جي سيزن سبب باھه لڳڻ ڪري پير پاڳارو جي مهاڙي مان نڪري  نئي ڦٽل گاهه ڇٻر ۽ پن جي  ڦوٽهڙي واري پاسي جو رخ ڪن ٿا جتي شڪاري  سندن تاڙ ۾ ويٺل هوندا آهن، جتي شڪارين جي بندوقن جو کاڄ بڻجڻ ٿا علائقي واسين موجب هڪ هفتي ۾ ويهه کان وڌيڪ ناياب نسل جا ڦاڙها شڪارين جي بندوقن جو کاڄ بڻجي ويا آهن ان حوالي سان شڪار کاتي جي گيم انچارج اسد مري ٻڌايو ته ورڪشاپ ڀرسان واڍڪي پتڻ واري علائقي ۾ ڦاڙهن جي شڪار جا سوشل ميڊيا وسيلي اطلاع مليا آهن اسٽاپ جي کوٽ باوجود  هو ڀرپور نموني شڪارين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪي به شڪاري ناياب نسل جي ڦاڙهن جي شڪار ۾ ملوث هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ڪنهن به ناياب نسل جي جانورن جي نشل ڪشي جي اجازت نه ڏني ويندي. ٻئي پاسي پاڻ کي وائلڊ لائف کاتي جو اهلڪار سڏائي شڪار ڪندڙ شخص اڪرم عرف اڪرو شر جي ڳوٺاڻن وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هو شڪارين سان گڏ ويٺل نظر ڏسي سگهي ٿو.