ورڪشاپ(ن پ ا) ورڪشاپ واسي شادي شدهه عورت سان ڊوائيس هولڊر جي 7 ساٿين سان گڏجي نشو ڏئي زيادتي، ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهلڪار به سهولتڪاري ڪئي، خبر موجب ورڪشاپ واسي شادي شدهه عورت زاهدهه پروين خاصخيلي سان 8 کان وڌيڪ جوابدارن زبردستي شراب پياري رات جي وقت لڄا لٽ ڪئي، صبح جو عورت دانهن کڻي منگلي ٿاڻي تي پهتي، جتي پوليس ٽال مٽال ڪري متاثر عورت کي ڪيس داخل ڪرڻ بنا واپس روانو ڪري ڇڏيو، جنهن بعدعورت روئيندي پريس ڪلب پهتي، ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر عورت زاهدهه پروين ٻڌايو ته ڊوائس هولڊر شهباز پٺاڻ کيس زبردستي کڻي وڃي شاهه پٺاڻ جي ٻڪرين جي واڙي تي زبردستي شراب پياري پنهنجا دوست گهرائي سڄي رات لڄالٽ جو نشانو بڻايو، هن ٻڌايو ته هن دوستن کان به لڄالٽ ڪرائي ۽ فجر مهل ڇڏيو، هن چيو ته اهڙي دانهن کڻي منگلي ٿاڻي تي پهتس پر منگلي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن مامرو ميڊيا تي اچڻ بعد منگلي پوليس مجبور ٿي ڪيس داخل ڪيو، ڪيس ۾ ڊوائس هولڊر شهباز پٺاڻ، شاھ پٺاڻ، الاهي بخش ابو پوٽو، آصف بروهي ۽ ٻن اڻڄاتلن کي جوابدار نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، منگلي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ذريعن موجب منگلي پوليس جو هڪ اهلڪار پڻ عورت سان لڄالٽ ملوث آهي، جنهن سهولتڪاري ڪري عورت کي زبردستي کڻڻ ۾ جوابدارن جي مدد ڪئي، منگلي پوليس پنهجي پٽي کي بچائڻ خاطر ڪيس داخل ڪرڻ ۾ سستي ڪئي ۽ متاثر عورت کي راضي ڪيو ته هو پوليس اهلڪار خلاف زبان بند رکي.