ورڪشاپ(رپورٽ: غلام قادر شر) گجري شهر ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ٻن  افغاني ڀائرن جي گرفتاري وارو مامرو، جاچ ۾ اڳڀري نه ٿي، پوليس خاموش، گرفتار ڀائرن جي ضمانت لاءِ سندن سهولتڪارن پاران ڪوششون تيز، خبر موجب 3 ڏينهن اڳ منگلي پوليس ڪارروائي ڪري ٻن سالن کان غير قانوني طور رهندڙ ٻن افغاني ڀائرن سيد نور پٺاڻ ۽ احمد نواز پٺاڻ کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته پوليس جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي ۽ خاموشي اخريار ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او منگلي رحم علي واسواڻو ٻڌايو ته ٻن افغاني ڀائرن کي گرفتار ڪري سندن خلاف سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آهي، هاڻ مامرو عدالت ۾ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته منگلي ٿاڻي جي حد ۾ ڪٿي به ڪو افغاني نظر آيو ته انجي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي سڄاڻ ڌرين لکيو آهي ته منگلي پوليس ڳري رشوت عيوض وڌيڪ جاچ ڪرڻ ئي نٿي چاهي ۽ نه ئي وري افغاني ڀائرن جي فرضي پيءُ رضم خان پٺاڻ کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گجري شهر ۾ افغاني پٺاڻن کي پنهنجي جڳھه تي رهائيندڙ عبدالوهاب منگواڻو خلاف به ڪا ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي سانگهڙ، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کان گهر ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي افغاني ڀائرن جي سهولتڪاري ڪندڙن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، هوڏانهن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته افغاني ڀائرن کي جيل مان ضمانت تي آزاد ڪرائڻ لاءِ  جتن ڪيا پيا وڃن.