ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي)ورڪس کاتي ۾ مختلف الزامن هيٺ آيل انجنيئرن سميت 17 سپرنٽينڊنگ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ سمري نگران وڏي وزير حوالي، صوبائي هاءِ ويز ڊويزن خيرپور جي ايڪسين عادل حميد ڀٽو ۽ سکر جي ايڪسين زين العابدين موريو کي هٽائي رپورٽ ڪرائڻ جي منظوري گھُري وئي، پوسٽگ جي انتظار ۾ ويٺل 8 ايڪسينز ۽ ايس اِيز کي به پوسٽنگ ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ورڪس کاتي جي سيڪريٽري ورڪس کاتي جو قلمدان رکندڙ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي سمري اماڻي ڪرپشن ۽ بيضابطگين جي الزامن هيٺ آيل انجنيئرن سميت 17 ايڪسين ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئرن جي بدلين ۽ مقررين جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. سمري ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته صوبائي هاءِ ويز ڊويزن خيرپور جي ايڪسين عادل حميد ڀٽو ۽ سکر جي ايڪسين زين العابدين موريو کي هٽائي رپورٽ ڪرائڻ جي منظوري ڏني وڃي، سمري ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ لاءِ 12 لفٽن جي خريداري واري مک ڪردار سپرنٽينڊنگ انجنيئر تنوير ڪلوڙ کي صحت کاتي جي 200 بسترن واري انفيڪشن ڊزيز اسپتال جي بحالي واري منصوبي جا انتظام ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل قادر سانگي کي صوبائي هاءِ ويز سکر سرڪل ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر، امان الله ميمڻ کي سکر مان بدلي ڪري ايس اِي سجاول جي خالي پيل عهدي تي مقرر ڪرڻ، غلام فريد بلوچ کي هاءِ ويز سرڪل لاڙڪاڻو، الهڏتو پنهيار کي صوبائي بلڊنگز سرڪل سکر ۾ ايس اي، سعيد پٺاڻ کي ايس اي شڪارپور ۽ مختلف الزامن هيٺ عهدي تان هٽايل شام لال دوداڻي کي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل حيدرآباد مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ساڳئي ريت 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ انجنيئر اسد الله بلو کي بلڊنگ ڊويزن ون ۾ايڪسين مقرر ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرمد شيخ کي صوبائي هاءِ ويز ڊويزن خيرپور ۾ ايڪسين، صوبائي بلڊنگز ڊويزن ون جي ايڪسين الطاف خواجا کي بدلي ڪري بلڊنگ ڊويزن سجاول ۾ ايڪسين مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل حمير نثار ٽانوري کي ايڪسين بلڊنگ ڊويزن ٽو، جاويد ڪلهوڙو کي صوبائي هاءِ ويز ڊويزن نوشهروفيروز جي خالي عهدي تي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آفتاب ابڙو کي صوبائي هاءِ ويز ڊويزن سکر ۾ ايڪسين مقرر ڪرڻ جي منظوري گھُري وئي آهي،