لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي صدر عارف علوي سان مبينا گفتگو منظر تي اچي وئي. سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ آڊيو ۾ ياسمين راشد صدر عارف علوي کي چئي ٿي ته هتي صورتحال گهڻي خراب آهي، اسان جا ورڪر پيٽرول بم اڇلائي رهيا آهن ۽ باهه ڏئي رهيا آهن، منهنجو خيال آهي ته رتوڇاڻ کان اڳ اوهان کي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي صدر علوي چيو ته مون ڳالهائي ڇڏيو آهي، ياسمين راشد چيو ته اوهان انهن کي چئي ڇڏيو ته آئون عمران خان سان ڳالهايان ٿو، جنهن تي صدر علوي چيو ته مون ڳالهه نه سمجهي، اوهان ڇا چئي رهيا آهيو. جنهن تي مبينا ياسمين راشد چيو ته ڪجهه پوليس وارا ۽ ماڻهو مري ويندا، صورتحال ايتري خراب ٿي ويندي جو اليڪشن ملتوي ٿي ويندي، منهنجي خيال ۾ اوهان عمران خان کي چئو ته گِو ان، باقي اوهان جي مرضي آهي،  رينجرز موجود آهي، پيٽرول بم هلي رهيا آهن، انهن جي واٽر ڪينن کي باهه لڳي آهي، آئون ته ٻاهر آهيان. ، عارف علوي ياسمين راشد کي مبينا طور چيو ته آئون ٻيهر اسد عمر سان ڳالهايان ٿو، جنهن تي ياسمين راشد چيو ته توهان شاهه جي (شاهه محمود) سان به ڳالهايو، اهو خان صاحب سان گڏ آهي.ان کان اڳ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اعجاز شاهه جي به مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي.
اڳوڻي پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد ۽ اڳوڻو وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه جي مبينه آڊيو ۾ ٻئي اڳواڻ عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.مبينه آڊيو ۾ ياسمين راشد اعجاز شاهه کي چيو ته خان صاحب هن وقت چئي رهيو آهي ته سمورن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي فون ڪريو. جنهن تي اعجاز شاهه جواب ڏنو ته رابطن جو سلسلو جاري آهي. جنهن کانپوءِ ياسمين راشد عمران خان جي هدايت اڳوڻي گهرو وزير کي ڏيندي ٻڌايو ته عمران خان چئي رهيو آهي ته ماڻهو وٺي پهچو. ياسمين راشد موجب عمران خان چئي رهيو آهي ته هنن کي چئو ته فوري طور تي پهچن جيڪي نه پهچندا انهن کي ٽڪيٽ نه ڏيندس، خان صاحب اها ڳالهه سڌي چئي آهي. ٻئي طرف ياسمين راشد اعجاز شاهه سان آڊيو ليڪ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پارٽي جي صدر آهيان ڇا پنهنجن ماڻهن کي نه گهرائيندس، 23 ڪلاڪ گذري ويا آهن، اسان جا ماڻهو روڊن تي آهن انهن جي مٿان شيلنگ ۽ تشدد ڪيو پيو وڃي.