وري بجلي اگهن ۾ واڌ، وري مِني بجيٽ جي تلوار

0
97
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

حڪمرانن جو اهو طريقهء واردات رهيو آهي ته اهي هڪ هٿ سان ڏيئي ٻئي هٿ سان واپس وٺي وٺندا آهن. هلندڙ مهيني جي پهرين تاريخ تي پيٽروليم جي قيمتن ۾ ڪجهه رليف ڏنو پر وري بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري انهن واپس وٺي ورتو آهي.بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بنا ڪنهن شيڊول جي ڪئي پئي وڃي ۽ حڪومت گھڻو ڪري فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي ۾ عوام کي پيڙي رهي آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو، 71 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي. ان حوالي سان بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب واڌ آگسٽ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، بجلي جي اگهه ۾ واڌ آڪٽوبر جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي. نوٽيفڪيشن ۾ توڙي جو چيو ويو آهي ته واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. پر ان جي باوجود ڪراچي جي لاءِ بجلي جا اگهه وڌايا ويا آهن. ڪراچي جي لاءِ بجلي 4.45 رپيا في يونٽ تائين مهانگي ڪئي وئي آهي. نيپرا جي فيصلي کانپوءِ پاور ڊويزن باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق واڌ گذريل مالي سال جي پهرين ٽماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.

حڪومت لڳاتار عوام تي مالي بار منتقل ڪري ان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن لاءِ روح ۽ جسم جو رشتو برقرار رکڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. پر موجوده نگران حڪمرانن ته عوام تي ستم جون نيون نيون مشقون آزمائڻ شروع ڪيون آهن ۽ ان حوالي سان نوان رڪارڊ جوڙيا آهن. انهن عوام کي ان هنڌ تي آڻي بيهاريو اٿن، جتي زندگيءَ جي اذيت موت کان به سرس ۽ سوائي ٿي ويئي آهي. مسلسل مهانگائي وڌائي ماڻهن جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪيا ويا آهن. مهانگائي اصل ۽ اهم مسئلو آهي، جنهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ روز نان اشوز اٿاري نوان نوان ناٽڪ ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام انهن ‘نان اشوز’ ۾ ئي الجهيل رهي. مهانگائي آهي، جيڪا مسلسل راڪيٽ رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي. حڪومت وٽ مهانگائيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪو به مڪينزم ڪونهي. مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. هن کان اڳ يوٽيلٽي اسٽورن تي شين جا اگهه وڌائي ڪسر پوري ڪئي ويئي. هاڻي ته وري چئن مهينن لاءِ مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ پڻ ٻڌجي ٿو ته هن ئي هفتي اهو بم عوام مٿان ڪيرايو ويندو. ظاهر آهي ته اها مني بجيٽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ نه پر عوام کي وڌيڪ نپوڙڻ لاءِ آندي پئي وڃي.

هي ملڪ تمام گهڻا معدني وسيلا رکي ٿو. جتي جي کاڻين مان سون نڪرندو هجي، جتي سامونڊي بندرگاهه هجن، جتي ڪاري سون (ڪوئلو) جا ذخيرا هجن، جتي لاتعداد سياحتي ماڳ هجن، ان ملڪ جي معيشت ڪشڪول تي آڌاريل هجي، ان لاءِ ته ذميوار اهي حڪمران آهن، جيڪي ملڪي وسيلا عوام تي خرچ ڪرڻ بدران انهن کي تين وال ڪري رهيا آهن. هاڻي ته اسان جي ملڪ کي ڪو قرض به ان ڪري نٿو ڏئي، رڳو اهو سوچي ته ڏيندا ڪٿان! هاڻي ته اسان جي حڪمرانن وٽ صرف ٻه ئي سهارا آهن، هڪ ڪشڪول ۽ ٻيو عوام. ڪشڪول ته هاڻي پنهنجي پت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري هاڻي حڪمرانن کي هر کوٽ عوام مان ئي پوري ڪرڻي آهي. هاڻي جڏهن مني بجيٽ اچڻ جون خبرون آهن ته ماڻهن جا خوف ۽ انديشا به وڌي ويا آهن ته سندن ٻچن جي وات تي جيڪو گرهه آهي اهو به کسيو ويندو پر ٻئي طرف حڪمرانن کان ڪو به پڇاڻو ڪونهي. سندن جواز اهو هوندو آهي ته، ملڪ ته هلائڻو آهي! حڪمرانن کي آخر اها ڳالهه ڇو نٿي سمجهه ۾ اچي ته ملڪ تڏهن ئي خوشحال سمجهيو ويندو آهي، جڏهن عوام خوشحال هوندو آهي. عوام جو رت ست نپوڙڻ سان ملڪ خوشحال ناهن ٿيندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ تي رحم ڪندي بهتر معاشي پاليسيون جوڙيون وڃن ته جيئن نه عوام تي مالي بار وڌائڻ جي ضرورت پوي ۽ نه ئي وري مني بجيٽن جي ڪا گھُرج پوي.