ممبئي(شوبز نيوز)ورون ڌون ۽ سمانٿا جي جاسوسي سيريز پرائم ويڊيو تي مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ڀارتي جاسوسي سيريز ”سيٽيڊل هني بني“ پرائم وڊيو تي رليز ٿيندي ئي سڄي دنيا ۾ مقبوليت جارڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. راج ۽ ڊي ڪي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن سيريز ۾ ورون ڌون ۽ سمانٿا مرڪزي ڪردار ۾ آهن. سيريز پنهنجي رليز جي پهرين هفتي جي آخر ۾ 200 ملڪن ۾ ڏسندڙن تائين پهچي وئي ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ٽاپ 10  جي چارٽ ۾ شامل ٿي وئي.پرائم ويڊيو انٽرنيشنل اوريجنلز جي سربراهه جيمز فريل جو چوڻ آهي ته ويب سيريز جي ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته غير انگريزي ٻولين ۾ مقامي مواد کي به عالمي سطح تي پسند ڪيو پيو وڃي.سيريز لاءِ  نخيل مدوخ چيو ته مقامي ڪهاڻيون عالمي شوقينن جون دليون کٽي رهيون آهن.