ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ورون ڌَوَن فلم جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو. اداڪار ورن ڌون سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته نئين فلم جي شوٽنگ دوران منهن ڄنگهه زخمي ٿي آهي. زخم ڪهڙي شيءِ مان ٿيو خبر نه پئي پر هاڻ برف جي پاڻي ۾ پير رکي ويٺو آهيان ته جيئن سور گھٽجي. پروڊڪشن هائوس موجب ورن ڌون جلد فلم جو پرومو ۽ فلم جا ڪجهه اهم سينز رڪارڊ ڪرائيندو جن لاءِ تياريون جاري آهن. ورون ڌون جي فلم وي ڊي 18 ايندڙ سال مئي ۾ رليز ٿيندي.