ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ٽيم مينيجمينٽ مونسان 2011ع جي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل دوران ناجائزي ڪئي، اڳوڻي اسپيڊ اسٽار چيو ته مون وٽ 2 ميچون رهجي ويون هيون، منهنجي خواهش هئي ته پاڪستان فائينل کيڏي، مان ان ميچ ۾ سهواگ ۽ ٽنڊوالڪر پٺيان پئجي وڃان ها. هن چيو ته منهنجي حوالي سان چيو ويو ته مان فٽ نه آهيان، پر ميچ کان اڳ مان 8 اوور وارم اپ دوران ڪيا. هن چيو ته مونکي ڀارت خلاف کيڏايو وڃي ها ته ڀارتي پريشر ۾ هجي ها، پاڪستان آسانيءَ سان ڀارت کي سيمي فائينل ۾ شڪست ڏئي ڇڏي ها. شعيب اختر چيو ته مون ڪاوڙ ۾ ڊريسنگ روم ۾ ٻه ٽي شيون ٽوڙيون.