لاهور (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ شيڊول ون ڊي عالمي ڪپ 2023ع لاءِ پاڪستان جي امڪاني اسڪواڊ ۾ ڪهڙن رانديگرن کي موقعو ملڻ جو امڪان آهي، ان بابت اهم خبر سامهون آئي آهي
پي سي بي قومي اسڪواڊ جو اعلان ته ناهي ڪيو ته پر امڪاني طور گرين شرٽس لاءِ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ لاڳيتو ٻه سينچريون ٺاهيندڙ فخر زمان کانسواءِ امام الحق جڏهن ته ٽئين اوپنر طور شان مسعود کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي
ون ڊي رينڪنگ ۾ ٽاپ بيٽر ۽ ڪپتان بابر اعظم، مڊل آرڊر ۾ حارث سهيل، افتخار احمد، آغا سلمان ۽ محمد رضوان شامل ٿي سگهن ٿا. اسپن بالنگ ۾ نائب ڪپتان شاداب خان جي جاءِ پڪي آهي پر ساڻس گڏ اساما مير کي شامل ڪرڻ جو چٽو امڪان آهي. عماد وسيم يا محمد نواز مان ڪو هڪ اسڪواڊ جو حصو بڻجي سگهي ٿو
قومي ٽيم جي فاسٽ بالنگ واري شعبي ۾ شاهين شاهه آفريدي سان گڏ نسيم شاهه، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر ۽ احسان الله خان کي شامل ڪرڻ جا اطلاع آهن
ماضي ۾ آءِ سي سي قانون پٽاندڙ ڪرڪيٽ بورڊ کي پهريان 30 رڪني امڪاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو هو پر هلندڙ سال عالمي ڪپ ۾ 15 کان 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو