ورلڊ ڪپ مشن: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دبئي رواني

0
111

لاهور (رپورٽر) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ چارٽر جهاز ذريعي يو اي اي روانو ٿي ويو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر ۽ ٻئي اسٽاف جهاز ذريعي دبئي روانو ٿي ويو

قومي اسڪواڊ ۾ شامل 15رانديگر، 3ٽريول ريزورو ۽ سپورٽ اسٽاف جا ميمبر دب.ي ۾ هڪ ڏينهن جي آئيسوليشن مڪمل ڪندا، قومي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جي ڪجهه ميمبرز جي فيمليز به يو اي اي وڃي رهيون آهن، يو اي اي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي شروعات 17آڪٽوبر کان ٿيندي، بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ قومي ٽيم پهرين مئچ 24 آڪٽوبر تي ڀارت خلاف کيڏندي.