حيدرآباد دکن(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ مسئلا ۽ مونجهارا اڃا تائين ختم نه ٿيا آهن، حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي 29 سيپٽمبر تي رٿيل وارم اچ ميچ کي سيڪورٽي خدشن سبب ٻيهر شيڊول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هندن جي تهوار گڻيش وسرجڻ ۽ عيد ميلاد النبي جي ڪري ميچ کي ري شيڊول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته انهن تهوارن جي ڪري پوليس جو وڏو انگ مقرر هوندو ۽ سيڪورٽي مسئلا ٿي سگهن ٿا.  ڀارتي بورڊ ان باري ۾ آخري اطلاعن تائين ڪو به جواب نه ڏنو هو. ان کان اڳ پاڪستان جون ورلڊ ڪپ جون ميچون به ري شيڊيول ڪيون ويون هيون.