پوني (م ڊ) ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پهرين کيڏندي سريلنڪا 241 رنز ٺاهيون، پاٿم نسانڪا 46، ڪوشل مينڊس 39 ۽ سديرا سماراوڪرما 36 رنز سان نمايان رهيا، فضل الحق فاروقي 4 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ افغانستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو، عظمت الله 73، رحمت شاهه 62 ۽ حشمت الله شاهدي 58 رنز ٺاهي نمايان رهيا، سريلنڪا طرفان مڌوشانڪا 2 ۽ ڪسن راجيٿا هڪ وڪيٽ ورتي.